سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان گھٽجي ويو

سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان گھٽجي ويو ۽ عربي سمنڊ ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن سنڌ کان پري وڃڻ لڳو آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شهر ۾ شديد برسات جا امڪان گھٽ ٿي ويا آهن، شهر ۾ اڄ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي سگھي ٿي.

سردار سرفراز ٻڌايو ته ڊيپ ڊپريشن سنڌ جي سامونڊي علائقن کان وقت سان گڏوگڏ پري ٿيندو پيو وڃي، سڀاڻي تائين سنڌ ۾ برسات جو امڪان ختم ٿي ويندو، شهر ۾ اربن فلنڊنگ جا امڪان به گھٽجي ويا آهن.

پر هن چيو ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ هن وقت تائين شديد برساتن جو امڪان موجود آهي، ڊيپ ڊپريشن ڏکڻ-اولهه طرف وڌي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ سڄي رات برسات ٿيندي رهي

ڪراچي ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڪٿي هلڪي ته ڪٿي ڦڙڦڙ برسات جاري رهي.

سڀ کان وڌيڪ برسات ناظم آباد ۾ 24 ملي ميٽر، فيصل بيس تي 20، مسرور بيس تي 19، ڊفينس ۾ 17، گلشن حديد ۾ 16 ملي ميٽر ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 12 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

واضح رهي ته گذريل شام موسمياتي کاتي ٽيون الرٽ جاري ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.

ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي تي طوفاني هوائون گھلڻ کان پوءِ ماهيگيرن هوڙا بيهاري ڇڏيا هئا.

Read Previous

حڪومت عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول اگھم ۾ وڏي واڌ

Read Next

ڪورونا کان پوءِ ڪعبي جي ٻاهرين اڱڻ تي پهريون ڀيرو نماز ادا ڪئي ويندي

Most Popular