انسٽاگرام تي مشهور شخصيتن جو مواد ناڪاري رجحانن طرف ڇڪي ٿو: تحقيق

دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ طرفان اندروني طور تي ڪيل هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته انسٽاگرام تي مشهور شخصيتن جو مواد انهن جي فالوورز ۾ ناڪاري رجحانن جو سبب بڻجي ٿو.

فيس بڪ طرفان سال 2020ع ۾ آمريڪا، آسٽريليا ۽ برازيل سميت 9 ملڪن ۾ انسٽاگرام واهپيدارن طرفان ڪيل تحقيق جا نتيجا وال اسٽريٽ رسال ۾ ڇايع ڪيا ويا آهن.

ڄاڻايل تحقيق دوران 9 ملڪن جي هڪ لک انسٽاگرام واهپيدارن کان مختلف سوال ڪيا ويا، جن ۾ اهو به سوال شامل هو ته ڇا هو مشهور شخصيتن جو مواد ڏسڻ کان پوءِ غلط انداز ۾ سوچيندا آهن يا هنن جي ذهن ۾ ناڪاري ۽ خطرناڪ ڳالهيون اينديون آهن.

اهڙيءَ طرح اهو سوال به ڪيو ويو هو ته هو انسٽاگرام تي مواد ڏسڻ کان پوءِ زندگي مان ڪيترو مايوس ٿيندا آهن؟

تحقيق ۾ شامل ماڻهن کي سندن اڪائونٽ کي مينشن ڪرڻ جو نه چيو ويو هو، جن کي هو فالو ڪندا يا ڏسندا آهن.

پر هنن جي جوابن کان پوءِ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن جي رڪارڊ کي ڏٺو ته خبر ئي ته اهي مشهور شوبز شخصيتن کي فالو ڪندا ۽ انهن جو مواد ڏسندا آهن.

تحقيق مان خبر پئي ته ڪم ڪارڊيشين، بلي آئلش، ڪنڊيل جينر، جسٽن بيبر، ڊانسر چارلي ڊي اميليو، آريانا گرانڊي ۽ ڪاڊيشين خاندا جي ٻين ميمبرن کي فالو ڪندڙ ماڻهن ۾ وڌيڪ ناڪاري رجحان ڏٺا ويا ۽ هو پاڻ بابت به غلط سوچڻ لڳندا آهن.

نتيجن مان اهو واضح نه ڪيو ويو ته مشهور شخصيتن کي فالو ڪرڻ يا انهن جو مواد ڏسندڙ واهپيدارن ۾ ڪهڙيءَ طرح ناڪاري رجحان پيدا ٿيندا آهن يا هو پاڻ کي ڇو ٻين جي ڀيٽ ۾ خراب محسوس ڪندا آهن؟

پر نتيجن مان خبر پئي ته تقريبن سڀني شوبز ۽ ٽي وي شخصيتن کي فالو ڪندڙ واهپيدارن جي سوچ ناڪاري ٿي وئي يا انهن جي دماغ ۾ برا خيال اچڻ لڳن ٿا.

نتيجن مان اها ڳالهه به خبر پئي ته ايلين ڊي جينرس، ڊآئني جانسن، ول سمٿ ۽ فٽ بالر نيمار کي فالو ڪندڙ واهپيدارن ۾ ناڪاري رجحانن جي شدت گھٽ ضرور هئي پر هو به ناڪاري خيالن کان محفوظ نه رهي سگھيا.

ڄاڻايل تحقيق  فيس بڪ  تحت اندروني طور تي 3 سالن تائين جاري رهي هئي جنهن ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته انسٽاگرام نوجوان واهپيدارن خاص ڪري ڇوڪرين تي ناڪاري اثر وجهي ٿو.

ان تحقيق جا نتيجا 2019 ۾ ڪمپني کي پيش ڪيا ويا هئا جن ۾ دريافت ڪيو ويو ته انسٽاگرام استعمال ڪندڙ هر 3 مان هڪ نوجوان ڇوڪري کي باڊي اميج اشو کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

ڄاڻايل تحقيق موجب نوجوانن اهو به ٻڌايو ته انسٽاگرام جي استعمال سان هنن ۾ ذهني بيچيني ۽ ڊپريشن به وڌي ٿو.

Read Previous

شاهه رخ خان جو پٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار

Read Next

تلھار : ڪنول ماڇي وارو معامرو ، وارثن پاران مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ٻن مھينن جي گذرڻ بعد چھلم واري رات ڳجھ ڳوھ ۾ وارثن وٽ پھچي وئي

Most Popular