تلھار : ڪنول ماڇي وارو معامرو ، وارثن پاران مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ٻن مھينن جي گذرڻ بعد چھلم واري رات ڳجھ ڳوھ ۾ وارثن وٽ پھچي وئي

تلھار جي رھواسڻ ڪنول ماڇي وارو معامرو ، وارثن پاران مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ٻن مھينن جي گذرڻ بعد چھلم واري رات ڳجھ ڳوھ ۾ وارثن وٽ پھچي وئي، ٻن مھينن تائين نياڻي سان زياڌتي ٿيڻ جو به انڪشاف، متاثر ڪنول ماڇي سندس امڙ ۽ والد اشرف ساڻ گڏجي عوامي پريس ڪلب آڏو جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو
تفصيل موجب تلھار جي رھواسڻ 20 سالا ڪنول ماڇي 4 آگسٽ 2021ع تي ڪراچي مان گم ٿيڻ خلاف وارثن پاران مبينا طور ناري جو اغوا ڄاڻائي احتجاج ڪيو ھو ڪنول ماڇي ٻن مھينن بعد وارثن وٽ بازياب ٿي پھچي وئي متاثر ڪنول عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين آڏو ڌانھيندي الزام ھڻندي چيو ته صائمه خواجه مونکي تلھار مان پنھجي ڪراچي واري گھر ۾ پورھيو ڪرڻ لا۽ چئي وٺي وئي ھئي جتي ڪجھ ڏينھن ڪم ڪرڻ بعد صائمه خواجه 10 لک روپين ۾ نامعلوم ماڻھن وٽ مونکي وڪرو ڪري ڇڏيو ھو جڏھن ته ان نامعلوم ماڻھن ھڪ مھينو زبردستي ڪرڻ بعد ٻي در کي پنج لک ۾ وڪرو ڪري ڏنو ھو جتي نشي ۾ دت چار نامعلوم ماڻھو مونکي روز زيادتي جو نشانو پڻ بڻائيندا ھئا جتان کان وجه وٺي فجر مھل نڪري ھڪ گمنام روڊ تي پھتس جتي ھڪ چوڪيدار مليو جنھن کي مون سمورو احوال ٻڌايو ۽ ان مونکي ڪرايو خرچ ڏئي بدين واري گاڏي ۾ ويھاريو جنھن کانپو۽ آئون تلھار مائٽن وٽ پھتس مون سان صائمه خواجه تمام برو ڪيو آئون ۽ منھجا مائٽ ڪنھن کي به منھن ڏيکارڻ جھڙا به ناھيون رھيا.

Read Previous

انسٽاگرام تي مشهور شخصيتن جو مواد ناڪاري رجحانن طرف ڇڪي ٿو: تحقيق

Read Next

نواب ولي محمد:نواب ولي محمد شھر جو رھواسي الھوسايو خاصخيلي نافرمان پٽن خلاف احتجاج

Most Popular