پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون نڪري آيون

سڄي دنيا جي اهم شخصيتن جي ڳجهن مالياتي معاملن تي انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) جي هڪ وڏي عالمي تحقيق ”پينڊورا پيپرز“ جي نالي سان جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن.

پينڊورا پيپرز ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي آف شور ڪمپني، جڏهن ته وفاقي وزير مونس الاهي ۽ سينيٽر فيصل واوڊا جي به آف شور ڪمپني سامهون آئي آهي.

جاچ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزير عبدالعليم خان جي آف شور ڪمپني سامهون آئي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي پٽ جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهي.

پينڊورا پيپرز ۾ پ پ جي شرجيل ميمڻ جي آف شور ڪمپني به شامل آهي، ان کانسواءِ وفاقي وزير خسرو بختيار جي گهر ڀاتين جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ سامهون آئي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ”پينڊورا پيپرز“ تي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو

وزيراعظم جي اڳوڻي خاص مددگار وقار مسعود جي پٽ جي به آف شور ڪمپني نڪري آئي، جڏهن ته ايگزيڪٽ جي مالڪ شعيب شيخ جي آف شور ڪمپني به پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهي.

پينڊورا پيپرز ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن، ڪجهه بئنڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جون پڻ آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن.

پينڊورا پيپرز هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل آهي ۽ جاچ ۾ دنيا جي 117 ملڪن جي 150 ميڊيا ادارن جي 600 کان وڌيڪ رپورٽرن حصو ورتو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: شوڪت ترين جي آف شور ڪمپنين بابت وضاحت

صحافتي دنيا جي سڀ کان وڏي جاچ ۾ پاڪستان مان دي نيوز جا عمر چيمه ۽ فخر دراني شريڪ ٿيا.

ناليواري شخصيتن جي نالي معاملن جي جاچ جو ڪم ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيو، ناليواري شخصيتن جي مالي معاملن تي ٻڌل پينڊورا پيپرز ۾ پاناما پيپرز کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن.

واضح رهي ته 2016 ۾ جاري ٿيندڙ پاناما پيپرز ۾ 444 پاڪستانين جا نالا شامل هئا.

جيڪڏهن قانون موجب آف شور ڪمپني ڊڪليئر ڪئي وئي هجي ۽ ڪمپني ڪنهن غير قانوني ڪم لاءِ استعمال نه ٿي هجي ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو غير قانوني عمل ناهي.

Read Previous

نواب ولي محمد:نواب ولي محمد شھر جو رھواسي الھوسايو خاصخيلي نافرمان پٽن خلاف احتجاج

Read Next

پينڊورا ليڪس: وزيراعظم عمران خان جو اهم فيصلو

Most Popular