ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ نواز شريف جي نالي جي هڪ ٻي انٽري سامهون اچي وئي

ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نالي جي هڪ ٻي انٽري سامهون اچي وئي.

لاهور کانپوءِ نارووال جي هڪ سينٽر ۾ به ڪورونا ويڪسينيشن ۾ نواز شريف جو نالو داخل ٿيل آهي، نارووال جي ويڪسين سينٽر ۾ نواز شريف جي سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر داخل ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر نبيلا عرفان موجب جوابدار ناصر رئوف ۽ ثاقب کي گرفتار ڪيو ويو، جن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته جوابدارن نواز شريف جي نالي جي جعلي انٽري ڪئي ۽ ڊيٽا داخل ڪرڻ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي استعمال ٿي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ انڪشاف ٿيو هو ته نواز شريف کي سائنو ويڪ ويڪسين 22 سيپٽمبر تي شام 4 لڳي 4 منٽن تي لڳائي وئي، جڏهن ته ٻئي ڊوز لاءِ 20 آڪٽوبر تي گهرايو ويو.

نواز شريف جي ويڪسينيشن ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال ۾ ڪئي وئي هئي، معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ اين سي او سي پنهنجي ڊيٽا مان ان جو رڪارڊ ختم ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

حڪومت عوام جي کَل لاهڻ ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي، بجلي وڌيڪ مهانگي

Read Next

ڪابل ۾ طالبان جو آپريشن، داعش جا ويڙهاڪ ماريا ويا

Most Popular