ڪابل ۾ طالبان جو آپريشن، داعش جا ويڙهاڪ ماريا ويا

امارت اسلامي آپريشن ڪري شدت پسند تنظيم داعش جي ٽن ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب طالبان ڪابل جي اتر ۾ پوليس ڊسٽرڪٽ 17 خيرخانه ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ داعش جي ڳجهي ٿاڪ کي ختم ڪندي 3 ويڙهاڪن کي ماريو ويو.

افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته طالبان ذريعن داعش ويڙهاڪن جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي.

افغان ميڊيا موجب ڪارروائي ڪابل ۾ گذريل ڏينهن عيدگاهه مسجد وٽ ڪيل آپگهاتي حملي جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نظر ۾ آئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪابل ۾ مسجد جي دَر تي بم ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا.

Read Previous

ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ نواز شريف جي نالي جي هڪ ٻي انٽري سامهون اچي وئي

Read Next

ياسره رضوي جون زنجيرن ۾ جڪڙيل تصويرون وائرل

Most Popular