نيويارڪ ۾ مبينا پراپرٽي جي جاچ، آصف زرداري جي ضمانت ۾ واڌ

) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيويارڪ ۾ مبينا پراپرٽي جي جاچ ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت ۾ 8 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيويارڪ ۾ مبينا پراپرٽي جي نيب جاچ جي معاملي تي آصف زرداري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ تي ٻڌل چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق ڪئي.

آصف علي زرداري طرفان فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي.

عدالت آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري متفرق درخواست منظور ڪندي آصف علي زرداري جي ضمانت ۾ 8 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته نيب آرڊيننس اچڻ کان پوءِ هاڻ ڪيسن جي ٻڌڻي جو طريقيڪار ڇا هوندو، آرڊيننس اچڻ کان پوءِ نيب گرفتارين جو طريقيڪار ڇا هوندو.

جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته گرفتاري بابت اڳوڻو طريقيڪار موجود آهي، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته پارليامينٽ وٽ توئين پارليامينٽ اختيار آهي، فاروق ايڇ نائيڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جي پارليامينٽ وٽ توئين پارليامينٽ جو ڪو به اختيار ڪونهي.

جسٽس عمر عطا بنديا چيو ته برطانيا ۾ ته پارليامينٽ وٽ توئين پارليامينت جو اختيار آهي جڏهن ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ وٽ قانون سازي جو سڀ کان وڏو اختيار آهي.

Read Previous

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي

Read Next

نيب کان سزا ماڻيندڙ ملازم عهدن تان فارغ

Most Popular