عمران نيازي عوام ۽ پاڪستان لاءِ نه آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي: شهباز شريف

قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو اهو سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي، عمران خان پاڪستان ۽ عوام لاءِ نه پر آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

شهباز شريف بجلي، پيٽرول، ٽيڪس  ۾ واڌ کي مني بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته آئون بجيٽ تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو، اهو سچ ۽ حڪومت ڪوڙي ثابت ٿي  وئي، چيو هو ته حڪومت مني بجيٽ آڻيندي ۽ اڄ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته حڪومت بجيٽ جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو، اها حڪومت هلندي ته معيشت نه هلندي.

هن چيوت ه ٽيڪس ڇوٽ وارين شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ، پيٽرول، بجلي جي اگھن ۾ واڌ عوام ۽ معيشت جي خلاف دهشتگردي آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي اڳ ئي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، حڪومت هڪ نئون بم اڇلي ڇڏيو آهي، عمران نيازي آءِ ايم ايف جي قربان گاهه تي معيشت ۽ قوم کي قربان ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي انڌا ڌند عمل ڪندڙ حڪومت عوام جي مفاد جو خيال نه رکيو.

سندس چوڻ هو ته عمران نيازي پاڻ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جنهن سبب مهانگائي وڌي ٿي، پوءِ قوم کي چوي ٿو ته مهانگائي وڌڻ جا سبب سمجهه ۾ نه پيا اچن، قوم کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته هنن سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪير روز اهو ظلم ڪري رهيو آهي، مسئلو قوم جي سمجهه کان ٻاهر ناهي پر حڪمرانن جي ڪرپشن، ڪوڙ ۽ تاريخي نالائقي ۽ ناالهي جو آهي، پاڪستان ۽ قوم کي حڪمرانن جي نالائقي، نااهلي  ۽ ڪرپشن جي وڏي سزا ملي رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته حڪومت کي اهو احساس نه آهي ته عوام جو گذارو ناهي ٿي رهيو، حڪومت ٽئي سال قوم کي چڪر مٿان چڪر ڏئي رهي آهي، ٽيڪس مهانگائي، قرض وڌندا پيا وڃن، عمران نيازي عوام ۽ پاڪستان لاءِ نه آءِ ايم ايف لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ايتري سنگين مهانگائي ملڪ  لاءِ مسئلو پيدا ڪري رهي آهي جيڪا پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي، پيٽرول شين ۽ بجلي جي اگھن ۾ ٿيندڙ واڌ رد ڪيون ٿا، حڪومت اهو ظالماڻو فيصلو واپس وٺي.

Read Previous

حڪومت بجلي وري مهانگي ڪري ڇڏي

Read Next

وڏو ماڻهو انصاف نه اين آر او چاهي ٿو: وزيراعظم

Most Popular