بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش

بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي.

مير عبدالقدوس بزنجي جي صدارت هيٺ بلوچستان اسيمبلي اجلاس ۾ ايم پي اي عبدالرحمان کيتران وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي.

ان موقعي تي عبدالرحمان کيتران چيو ته وڏي وزير جي خراب حڪمراني سبب مايوسي، بدامني، بيروزگاري ۽ ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي، هو پاڻ کي گهڻو سياڻو سمجهي اهم معاملن کي مشاورت بنا هلائي رهيو آهي.

هن چيو ته اهم معاملا مشاورت بنا هلائي صوبي کي وڏو نقصان پهچايو ويو، ڄام ڪمال پنهنجي طور صوبي جا معاملا هلائي رهيو آهي، مطالبو ڪيون ٿا ته خراب ڪارڪردگي تي وڏي وزير کي عهدي تان هٽايو وڃي.

واضح رهي ته ڄام ڪمال کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ اپوزيشن سان گڏوگڏ حڪومتي ميمبر به ان جي خلاف ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڄام ڪمال واضح طور چيو آهي ته هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

Read Previous

جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهديٰ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن قوم کي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي

Read Next

پي ڊي ايم حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي

Most Popular