آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو

آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو.

وائيٽ هائوس موجب ڊونلڊ ارمن بلوم کي پاڪستان ۾ آمريڪا جو نئون سفير نامزد ڪيو ويو آهي، هو ان کان اڳ تيونس ۾ آمريڪا جو سفير رهيو آهي.

وائيٽ هائوس طرفان چيو ويو آهي ته ڊونلڊ بلوم سينيئر فارن سروس جو ڪيريئر ميمبر آهي، هو اسرائيل ۾ قونصل جنرل جون خدمتون به انجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڪابل سفارتخاني ۾ پوليٽيڪل ڪونسلر به رهيو آهي.

ڊونلڊ بلوم قاهرا، بغداد ۽ ڪويت ۾ به سفارتي خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ليبيا لاءِ آمريڪا جا ڊپٽي ڪمشنر، والاريل بيت المقدس جي اسرائيلي قونصل خاني ۾ قونصل جنرل، بغداد ۾ ملٽي نيشنل فورس انگيجمينٽ سيل جو سياسي قونصلر رهي چڪو آهي.

وائيٽ هائوس موجب بلوم مشي گن جي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ عربي به ڳالهائي سگهي ٿو، سندس پاڪستان ۾ سفير طور مقرري لاءِ سينيٽ مان منظوري باقي آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي

Read Next

عيد ميلاد النبي صه ملڪ ۾ نعتن ۽ درود سلام جون محفلون، لبيڪ يا رسول الله جون صدائون بلند

Most Popular