اداڪار شان کي عوام جي نه وزيراعظم جي ڳڻتي!

پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪار شان شاهد پيٽرول قيمتن ۾ واڌ تي وزيراعظم عمران خان جي دفاع ۾ ميدان ۾ اچي ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي پيٽرول قيمتن ۾ واڌ تي وزيراعظم خلاف طنزيا پوسٽن تي اداڪار شان چپ نه ويهي سگهيو ۽ هو عمران خان جي دفاع ۾ اچي ويو.

ادڪار هڪ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته پيٽرول شين ۾ واڌ انڪري ٿي آهي ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اهي اگهه وڌي ويا آهن.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي وزيراعظم توڙي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ان حوالي سان گذريل ڏينهن اداڪار فهد مصطفيٰ به وزيراعظم خلاف هڪ طنزيا پوسٽ ڪئي هئي ۽ لکيو هو ته هو چاهي ها ته 20 رپيا في ليٽر وڌائي پيو سگهي پر هن عوام جي لاءِ سوچيو ۽ رڳو 10 رپيا 49 پيسا في ليٽر ۾ واڌ ڪئي، ان کي چئبو آهي ليڊر.

جنهن تي هڪ واهپيدار کانئس سوال ڪيو ته ڊيئر سر، ڇا اسان هاڻي ٿورو گهٻرائي سگهون ٿا؟ جنهن جي جواب ۾ فهد مصطفيٰ جو چوڻ هو ته توهان ٿورو نه پر مڪمل گهٻرايو.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسڪاٽ لينڊ جو پاپوا نيوگني کي 166 رنسن جو هدف

Read Next

ڊينگي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ست ڄڻا فوت

Most Popular