خورشيد شاهه جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم

سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪندي  هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته سيد خورشيد شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ رهندو، سيد خورشيد شاهه اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪري سگھي ٿو.

خورشيد شاهه کي نيب سکر اثاثن جي ڪيس ۾ 18 سيپٽمبر 2019ع تي گرفتار ڪيو هو ۽ هڪ ارب 30 ڪروڙ رپين جو ريفرنس داخل ڪيو هو.

Read Previous

خبردار! ڪورونا جو هڪ نئون ويرينٽ پاڪستان اچي ويو

Read Next

فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ جو مطلب يورپي يونين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي: شيخ رشيد

Most Popular