فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ جو مطلب يورپي يونين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي: شيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فرانسيسي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ يورپي يونين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي سڀني معاملن تي نظر آهي.

هن چيو ته اپوزيشن جمعو جمعو کيڏي رهي آهي، گذريل ڏينهن جي احتجاج کي سڀني ڏسي ورتو، اپوزيشن جي احتجاج سان ڪجهه به نٿو ٿئي سواءِ شهرين کي پريشان ڪرڻ جي.

وفاقي وزير چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻو جمهوريت کي ثابت ڪري ٿو، عمران جان جي قيادت ۾ مهانگائي جي جن کي قابو ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پوليس پاسنگ آئوٽ پريد ۽ ايئر پيٽرول يونٽ جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته وفاقي راڄڌاني جي پوليس لاءِ شهدا پيڪيج پنجاب پوليس جي برابر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

خورشيد شاهه جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم

Read Next

مهلت جي اپيل رد، اليڪشن ڪميشن جو اعظم سواتي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

Most Popular