حڪومت ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني ادارن کي متحرڪ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن ۾ تيزي آندي وڃي.

وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملاقات ڪئي ۽ کيس بلدياتي ادارن کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.

عثمان بوزدار وزيراعظم کي عوام رليف لاءِ پنجاب حڪومت جي قدمن کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت به بريف ڪيو. ان کانسواءِ وڏي وزير مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ عوام کي رليف ڏيڻ تي ڌيان آهي، صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جو سلسلو تيزي سان جاري آهي.

Read Previous

ٽي ايل پي لانگ مارچ: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، اهم شاهراهه بلاڪ

Read Next

بنگلاديش ۽ سريلنڪا خطري کان ٻاهر، ورلڊ ڪپ جي سپر 12 ۾ پهچي ويا

Most Popular