”اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن لاءِ خوشخبري، حددخليون يڪدم هٽائڻ کان معذرت“

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن جي بحالي جو پروگرام بڻائي ڇڏيو آهي، زمين جي نشاندهي به ڪري ڇڏي آهي، 10 ارب رپين مان ٻن سالن جي اندر رهائشي اسڪيم تيار ٿيندي، عدالت کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ گهرايو هو، پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيس، عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته مون وٽ آفيسرن ۽ فنڊن جي کوٽ آهي، 20 ۽ 21 گريڊ جا آفيسر نه هئڻ برابر آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪا به هدايت ڪندي ان تي عمل ڪرائيندس، في الحال ارونگي ۽ گجر نالي جي متاثرن جي بحالي جو پروگرام لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان رقم جاري ڪندي.

هن چيو ته اسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته غير قانوني طور تي رهائش اختيار ڪيل ماڻهن کي انهن جاين تان هٽايو وڃي، جڏهن ته اسان فوري طور تي انهن کي هٽائڻ کان معذرت ڪئي آهي.

سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عدالت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اڄ انهن کي هڪ جاءِ تان هٽائينداسين ته اهي ٻئي جاءِ تي آباد ٿي ويندا.

ان سان گڏ گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيل ٽي 20 ميچ جي حوالي سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قومي ٽيم کي ڀارت خلاف ميچ کٽڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته ائين ئي راند کيڏي وئي ته لڳي ٿو ورلڊ ڪپ به کٽي وينداسين.

Read Previous

”پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي“

Read Next

بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي ڀارت خلاف رڪارڊ پارٽنرشپ

Most Popular