ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

وزيراعظم هائوس طرفان انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو 20 نومبر 2021 کان لاڳو ٿيندو ۽ موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض 19 نومبر تائين فرض انجام ڏيندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر ڌار ملاقات ڪئي هئي، پوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به ملاقات ۾ شامل ٿي ويو هو.

Read Previous

هٿياربندن جيل مان 800 کان وڌيڪ قيدي آزاد ڪرائي ورتا

Read Next

ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي، اتي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ

Most Popular