گورمنٽ پرائمري مين اردو اسڪول ريتي محلا ڀرياروڊ۾ جشن ميلا دالنبي محفل پروگرام منعقد ڪيو ويو

ڀرياروڊ (( رپورٽ محبوب نوناري)گورمنٽ پرائمري مين اردو اسڪول ريتي محلا ڀرياروڊ۾ جشن ميلا دالنبي محفل پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن محفل ميلاد ۾ شھر جي معززين صحافين سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي ھڪ سو کان مٿي شاگردن جو نعت حمد ۽تقرير جي مقابلي ۾ حصو ورتو جنھن محفل ۾ مھمان خاص محمد نعيم آرائين ۔ محمد ياسين چوھاڻ اسڪول جي ھيڊ ماستر زاھد حسين ڀٽي ۽ پريس ڪلب ڀرياروڊ جي صدر محبوب نوناري پھرين پوزيشن ماڻيندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊس ٽرافيون ۽ ٻيا انعام ڏنا پروگرام محفل ميلاد ۾ آيل مھمانن چيو ت جتي مٺي محمد جو ذڪر ٿيندو آ ۽ان جو ميلاد ملھايو ويندو آ اتي رب پاڪ جون رحمتون وسنديون آھن ۽اسڪول جي ٻارڙن ۾ذڪر محمد ۽ ان لاء نعت حمد پڙھڻ الله جي سمجھ انھن مٿان رحمت آھي ميزبان پروگرام ھيڊ ماستر زاھد حسين ڀٽي چيو ت اسان ھر سال محفل ميلاد ڪرائندا ھون ۽ان ۾ اسڪول جا ھڪ سو کان مٿي جا شاگرد شاگردياڻيون جو نعت حمد ۽ تقرير ڪرڻ جو ب مقابلو ڪرايو ويندو آ ۽ پھرين ٻئين ۽ٽئين پوزيشن ماڻيندڙن کي کي حوصلا افزائي ڪرڻ لاء اسڪول طرفان انعام ب ڏنا ويندا آھن ۽ آخر ۾ آيل مھمانن ۽ اسڪول جي ٻارڙن کي مٺائي ب ڏني وئي

Read Previous

طالبان ۽ هٿياربندن ۾ جهڙپون، 17 ماڻهو مارجي ويا

Read Next

ڪالعدم تنظيم جو اسلام آباد ڏانهن مارچ، جهڙپن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد

Most Popular