افغانستان جي اسپتال ۾ حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي اسپتال ۾ حملي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ۽ 50 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان طرفان ٻن ڌماڪن جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن فائرنگ جو به اطلاع ڏنو آهي.

افغانستان جي صحت واري وزارت جي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪابل جي اسپتالن ۾ 19 لاش ۽ تقريبن 50 زخمين کي منتقل ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ افغاني گھرو وزارت جي ترجمان قاري سعيد خوستي جو چوڻ هو ته ڌماڪا 400 بسترن تي ٻڌل سردار محمد دائود خان اسپتال ۾ ٿيا.

هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاني نقصان بابت ڪو به اطلاع نه آهي.

مقامي ماڻهن طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ وچ ڪابل جي اڳوڻي سفارتي زون جي ويجهو وزير اڪبر خان علائقي مان دونهون اٿندي ڏسي سگھجي ٿو.

اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته آئون اسپتال جي اندر آهيان، آئون پهريان چيڪ پوسٽ تان زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو جنهن کان پوءِ اسان کي محفوظ ڪمرن ۾ وڃڻ جو چيو ويو، آئون جو به آواز ٻڌو.

شروعاتي طور تي حملي جي ذميواري ڪنهن به قبول ناهي ڪئي پر سرڪاري خابرو ايجنسي اکين ڏٺن شاهدن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته دهشتگرد تنظيم داعش جا ويڙهاڪ اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ هنن جو سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپون ٿيون.

Read Previous

سعد رضوي جي آزادي خلاف اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، ڪيترائي ڪارڪن آزاد

Read Next

ورلڊ ڪپ ۾ پروٽيز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، بنگالين کي 6 وڪيٽن تان شڪست

Most Popular