ورلڊ ڪپ ۾ پروٽيز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، بنگالين کي 6 وڪيٽن تان شڪست

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي جاري آهي ۽ ان بنگلاديش کي 6 وڪيٽن شڪست ڏئي ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ابوظهبي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم 84 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

مهدي حسن 27، لٽن داس 24، شميم حسين 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.

ڏکڻ آفريقا طرفان اينرچ نورجي، ڪگيسو ربادا 3-3، تبريز شمسي 2، جڏهن ته ڊوائن پريٽوريس هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پروٽيز گهربل هدف 14هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

Read Previous

افغانستان جي اسپتال ۾ حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

بلوچستان: خاران ۾ ڌماڪو، 13 ڄڻا زخمي

Most Popular