بلوچستان: خاران ۾ ڌماڪو، 13 ڄڻا زخمي

بلوچستان جي ضلعي خاران جي علائقي چيف چوڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو هو ۽ جيڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو.

خاران پوليس اسٽيشن جي اسٽيشن هائوس آفيسر محمد قاسم ٻڌايو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن سيڪيورٽي جي گاڏي اتان گذري رهي هئي.

هن چيو ته 13 مان 4 سخت زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 9 کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو آحي.

ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو خاران ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن دهشتگردي جي ان ڪارروائي ۾ بيگناهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصر صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگردي جي بزدلاڻين ڪارروائين سان اسان جو حوصلو پست نه ٿيندو.

عبدالقدوس بزنجو چيو ته صوبي جو عوام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.

گڏ ئي وڏي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ ۾ پروٽيز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، بنگالين کي 6 وڪيٽن تان شڪست

Read Next

مهوش حيات ٽي وي اسڪرين تان گم هجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular