پاڪستان ۾ روز 1200 ٻار سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪن ٿا: رپورٽ

A Pakistani man smokes a cigarette in Lahore on May 31, 2011, on "World No Tobacco Day”. Pakistan accounts for a large proportion of the cigarettes consumed in South Asia where about 100,000 people die annually from diseases caused by the use of tobacco, reports the Coaltion of Tobacco Control in Pakistan. AFP PHOTO/ARIF ALI (Photo by Arif Ali / AFP)

ايسوسيئيشن فار سموڪنگ الٽرنيٽوز پاڪستان چيو آهي ته هو ملڪ ۾ سگريٽ ڇڪيندڙن کي مشورو ۽ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي 10 لک سگريٽ ڇڪيندڙن جي زندگين مان سگريٽ کي ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.

تنظيم موجب عالمي سطح تي سگريٽ ڇڪيندڙن جي شرح ۾ گھٽتائي باوجود، سگريٽ ڇڪيندڙن جو انگ اڃا به هڪ ارب کان وڌيڪ آهي، جن مان 80 سيڪڙو گھٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن جا ماڻهو آهن ۽ ان ڪري ئي صحت تي وڌيڪ خرچ اچي رهيو آهي.

انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 2017ع ۾ سگريٽ ڇڪڻ سبب تقريبن 163،360 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته سگريٽ ڇڪڻ سبب روزانو 5000 پاڪستان اسپتالن ۾ داخل ٿين ٿا.

انگن اکرن موجب 6 کان 15 سان جي عمر جا 1200 پاڪستان ٻار روزانو سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪن ٿا جڏهن ته 5 مان 2 سگريٽ ڇڪيندڙ 10 سالن جي عمر کان اڳ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته تقريبن سڀ سگريٽ ڇڪندڙ خطرن کي سمجهندا آهن پر ان جو استعمال ان وقت تائين جاري رکن ٿا جيستائين هو دل جي مرضن، ڪينسر يا سگريٽ جي استعمال سان سلهاڙيل ٻين بيمارين جو شڪار نٿا ٿين.

ايسوسيئيشن فار سموڪنگ الٽرنيٽيوز اهڙن ماڻهن جو اتحاد آهي جيڪي پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي شرح کي نمايان طور تي گھٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

Read Previous

ڀارت – افغانستان مقابلي کانپوءِ ٽوئيٽر تي ”فڪسڊ“ ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو

Read Next

ناظم جوکئي جي قتل جي مذمت، مظلومن کي انصاف ملندو: سعيد غني

Most Popular