حڪومت جو رات جي اونداهيءَ ۾ عوام تي وار، پيٽرول وڌيڪ مهانگو

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ ڪري ڇڏي.

حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ 5 نومبر جمعي کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي نئين نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 3 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 145 رپيا 82 پئسا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 14 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 142 رپيا 62 پئسا ٿي وئي آهي.

پڌرائيءَ موجب گاسليٽ 6 رپيا 27 پئسا واڌ کانپوءِ 116 رپيا 53 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 5 رپيا 72 پئسا واڌ کانپوءِ 114 رپيا 7 پئسا ٿي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ريڪوري ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ اڻٽر هئي، اوگرا جي سمري موجب واڌ ڪيون ها ته اها اڃا وڌيڪ هجي ها.

Read Previous

اداڪار فيصل قريشي دبئي ۾ ڪار حادثي جو شڪار

Read Next

”گرمي ۾ واڌ سبب گڙدن جون بيماريون به وڌڻ لڳيون“

Most Popular