ورلڊ ڪپ: ڀارت ۽ افغانستان جا به ٽپڙ گول، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.

ابوظهبي ۾ افغانستان طرفان مليل 125 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 18.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ڪيويز طرفان ڪين وليمسن 40 ۽ ڊيوڊ ڪونوي 36 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، مارٽن گپٽل 28 ۽ ڊيرل مچل 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ان کان اڳ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

Read Previous

ڳوٺ خدا بخش اسراڻ مان ڳوٺاڻي طالب اسراڻ جون ڀلوڙ نسل جون 3 قيمتي ٻڪريون چوريون۔ ٻن چورن جا پيرا ظاهر

Read Next

پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

Most Popular