راني مکرجي عامر خان سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا راني مکرجي ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ عامر خان سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو.

راني مکرجي ۽ سيف علي خان پنهنجي نئين رليز ٿيندڙ فلم ”بنٽي ۽ ببلي 2“ جي سلسلي ۾ هڪ شو ۾ شرڪت ڪندا جتي ٻئي ستارا ڪجهه دلچسپ ڪهاڻيون ۽ انڪشاف ڪندا.

شو ۾ شرڪت کان اڳ رنوير سنگهه جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ راني مکرجي ٻڌايو ته فلم ”غلام“ جي شوٽنگ دوران مون کي عامر خان سان محبت ٿي وئي هئي ۽ ان ڪري شوٽنگ ۾ گھٻراهٽ جو شڪار رهيس.

اداڪارا چيو ته آئون فلم ”غلام“ ۾ عامر خان ۽ فلم ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ ۾ شاهه رخ خان سان ڪم ڪري گھڻو ڪجهه سکيو آهي، مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي ته آئون ٻنهي وڏن اداڪارن سان گڏ گھڻو ڪم ڪيو.

Read Previous

ايس ايس پي سجاول سيد امداد علي شاه جي ھدايتن تي ايس ايڇ او سجاول راجا نويد جي منشيات فروشن خلاف ڪاروائي

Read Next

عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا

Most Popular