بلڊ پريشر کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟

هائپر ٽينشن مان مراد رڳن خلاف وڌندڙ رت جو دٻاءُ آهي، جيڪو وقت گذرڻ سان رت جي نالين کي نقصان پهچائي ٿيو.

نارمل بلڊ پريشر 80 کان 120 ملي ميٽر مرڪيوري هجڻ گهرجي پر ان ۾ واڌ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو طبي ماهر بلڊ پريشر کي خاموش قاتل قرار ڏيندا آهن.

عورتن ۽ مردن ۾ بلڊ پريشر جي شرح گهٽ يا وڌيڪ ٿي سگهي ٿي پر بلڊ پريشر کي ڪيئن ڪنٽرول ۾ رکجي؟ اها اهم ڄاڻ اسان توهان کي ڏئي رهيا آهيون.

بلڊ پريشر وڌڻ جو وڏو سبب ٿولهه به آهي ۽ وزن گهٽائڻ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بهترين طريقن مان هڪ آهي.

مردن جي ويسٽ لائن جيڪڏهن 40 انچن کان وڌيڪ ٿي وڃي ته اها خطري جي علامت آهي، جڏهن ته عورتن ۾ جيڪڏهن اها ويسٽ لائن 35 انچن کان وڌي وڃي ته سمجهي وڃو اها خطري جي ڳالهه آهي.

ماهرن موجب بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن اسٽرينٿ ٽريننگ ضروري آهي، جنهن لاءِ مريض کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ ضروري آهي ته اهي سڄي هفتي ۾ 150 منٽ ۽ ڏينهن ۾ 30 منٽ جسماني ورزش ڪن، اهڙا مريض واڪنگ، جاگنگ، سائيڪلنگ، سوئمنگ ۽ ڊانسنگ سان به بلڊ پريشر جي سطح کي گهٽ رکي سگهن ٿا.

بلڊ پريشر کي ڪنٽرول رکڻ ۾ غذائن جو به اهم ڪردار آهي، پوٽاشيم، ميگنيشيم، فائبر سان گڏ سوڊيم جي گهٽ مقدار بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

ساون پنن وارين ڀاڄين، ٿوم، چقندر، گجر، ڪيلي، هنداڻي، اسٽرابيري سان به بلڊ پريشر کي قابو ۾ رکي سگهجي ٿو، ان کانسواءِ بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ زيتون جو تيل، ٿريءَ بنا کير ۽ ڏهيءَ جو استعمال به فائديمند آهي.

نوٽ: هيءَ عام ڄاڻ آهي، ڪو به عمل شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ضرور ڪيو

Read Previous

شهيد ناظم جوکيو ڪيس: پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ

Read Next

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم به نامزد

Most Popular