ڀارت آخري گروپ ميچ ۾ نميبيا کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

India’s Virat Kohli reacts after loosing match against Australia during the first Twenty20 international cricket match in Visakhapatnam, India, Sunday, Feb. 24, 2019. (AP Photo/Mahesh Kumar A.)

ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آخري گروپ ميچ ۾ نميبيا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي نميبين ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي سگهي.

ڀارت طرفان جديجا ۽ ايشون 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بمرا 2 شڪار ڪيا.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 15.2 اوورن ۾ رڳو هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ئي حاصل ڪري ورتو.

روهت شرما 56 ۽ ڪي ايل راهول 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

واضح رهي ته اهو ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جو آخري مقابلو هو.

ايندڙ سيمي فائنل مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم نيوزيلينڊ سان ۽ پاڪستان جي ٽيم آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندي، جڏهن ته ميگا ايونٽ جي فاتح جو فيصلو آچر تي ٿيندو.

Read Previous

اسان افغانستان جي مدد ڪري رهيا آهيون، هاڻ عالمي برادري به قدم کڻي: وزيراعظم

Read Next

جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ موت جي خطري کي وڌائي ٿي

Most Popular