حڪومت خلاف سڄي اپوزيشن هڪ ٿي وئي، گڏيل احتجاج جو فيصلو

پ پ ۽ ن ليگ سميت سموري اپوزيشن حڪومت خلاف گڏيل احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀ جماعتون پارليامينٽ ۾ به حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينديون.

شهباز شريف جي سربراهي ۾ اپوزيشن جماعتن جو گڏيل اجلاس ان جي چيمبر ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، رضا رباني، شيري رحمان، اي اين پي جو امير حيدر هوتي، جي يو آءِ جو سعد محمود شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سڀاڻي اپوزيشن جي گڏيل پارلياماني جماعتن جو اجلاس ٿيندو، عوامي مسئلن تي سڀ گڏ آهيون، احتساب جي نالي تي جيڪا زيادتي ٿي رهي آهي، ان خلاف اسان سڀ هڪ آهيون.

Read Previous

جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ موت جي خطري کي وڌائي ٿي

Read Next

بائيڊن افغانستان مان هٿيار ڦٽا ڪري نڪتو، اسان ائين نه ڪيون ها: ٽرمپ

Most Popular