بائيڊن افغانستان مان هٿيار ڦٽا ڪري نڪتو، اسان ائين نه ڪيون ها: ٽرمپ

Trump

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته بائيڊن انتظاميا جيئن افغانستان مان نڪتي، اهو انتهائي شرمناڪ، پريشان ڪندڙ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جهڙو هو.

آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته افغانستان مان نڪرڻ تباهيءَ جهڙو هو، خبر ناهي ته ان مان نفسياتي طور ڪڏهن نڪري سگهنداسين يا نه، آمريڪي جنرل ان معاملي تي ڏوهي آهن، اهي بائيڊن کي راضي ڪري پئي سگهيا.

هن چيو ته مان افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جو انگ گهٽ ڪري 2500 ڪيو، اسان به افغانستان مان نڪرون ها پر طاقت سان نڪرون ها، اسان نڪرون ها پر بگرام ايئر بيس تي پنهنجو ڪنٽرول رکون ها.

سندس موجب چين جا جوهري هنڌن کان بگرام هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، بائيڊن انتظاميا بگرام جو ڪنٽرول به ڇڏي ڏنو هو، منهنجي اندازي موجب بگرام تي هاڻي چين قبضو ڪندو.

Read Previous

حڪومت خلاف سڄي اپوزيشن هڪ ٿي وئي، گڏيل احتجاج جو فيصلو

Read Next

گلوڪار عدنان سميع کي ڀارت جي اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويو

Most Popular