ناظم جوکيو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، مقتول جا موبائل فون ۽ ڪپڙا هٿ

ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ مقتول جي موبائل فون ۽ ڪپڙا ڄام هائوس ڀرسان کوهه مان هٿ آيا آهن.

صحافين جي موجودگي ۾ کوهه مان ڪپڙا ۽ موبائل فون ڪڍي وئي، ڪيس جي جاچ ڪندڙ اختيارين موجب قتل کانپوءِ ناظم جوکئي جي موبائل فون ۽ ڪپڙا کوهه ۾ اڇلائي کوهه ۾ باهه ڏني وئي هئي.

جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي جاچ ٽيم کوهه تي پهتي، موبائل فون گهڻي حد تائين سڙيل آهي، ناظم جوکئي جي موبائل فون ۽ ڪپڙا فرانزڪ آڊٽ لاءِ پنجاب ليبارٽري موڪليا ويندا ۽ رپورٽ اچڻ کانپوءِ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿيندي.

اختيارين موجب ناظم جوکئي کي ڄام هائوس جي ويئر هائوس ۾ رکيو ويو ۽ اتي ئي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ويئر هائوس مان سموريون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن.

جاچ اختيارين چيو ته ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت 5 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو، 164 جي بيان کانپوءِ وڌيڪ 11 جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا.

اختيارين اهو به چيو آهي ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سميت 4 جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن.

Read Previous

قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڊوم وين جو ٽرالر سان خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا

Read Next

رڳو کاڌو پچائڻ لاءِ ئي گيس ملندي، شيڊول جاري

Most Popular