نيوزيلينڊ جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، آسٽريليا نئون چيمپيئن

آسٽريليا جي ٽيم نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيويز طرفان مليل 173 رنسن جو هدف ڪينگروز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 18.5 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.

آسٽريليا طرفان مچل مارش 77 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته گلين ميڪسويل 28 رنسون ٺاهي ساڻس گڏ ناٽ آئوٽ رهيو.

Read Previous

نئين دهلي ۾ هوائي گدلاڻ، اسڪول بند

Read Next

انجير جا صحت لاءِ حيرت انگيز فائدا

Most Popular