راڻا شميم جو حلفي بيان: ثبوت آڻيو ته ثاقب نثار خلاف ڪارروائي ٿيندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج جي حلفي بيان بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته راڻا شميم جو حلف نالو جڊيشل رڪارڊ جو حصو ناهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ سپريم ايپليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا محمد شميم جي حلفي بيان تي خبر ڇاپڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي کان اڳ راڻا شميم جي پٽ عدالتي عملي کان عدالتي ڪمري ۾ ويڊيو هلائڻ جي اجازت گهري.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله خبر ڇاپيندڙ اخبار جي چيف ايڊيٽر کي روسٽرم تي گهرائي ريمارڪس ڏنا ته اظهار جي آزادي تمام ضروري آهي پر انصاف جي فراهمي به اهم آهي، توهان جي رپورٽ ماڻهن جي حقن کي متاثر ڪيو آهي، جيڪڏهن مون کي پنهنجي ججن تي اعتماد نه هجي ها ته ٻڌڻي شروع نه ڪيان ها، مان ٻڌڻي ان ڪري شروع ڪئي، ڇو ته اسان جي احتساب جي قابل آهيون، هن عدالت جي هر جج ڪوشش ڪئي ته عوام تائين انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جيڪڏهن عوام جو اعتماد عدليا تي نه هوندو ته اهو ڏاڍو الارمنگ آهي، توهان هڪ وڏي ميڊيا هائوس ۽ اخبار جا مالڪ آهيو، جيڪڏهن ڪو حلف نامو ڪٿي به ڏئي ڇڏي ته ڇا توهان ان کي پهرئين صفحي تي ڇاپي ڇڏيندئو؟

چيف جسٽس صحافي انصار عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته اهو حلف نامو ته جڊيشل رڪارڊ جو به حصو ناهي، 6 جولاءِ تي نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ٿي، 16 جولاءِ تي اپيلون فائل ٿيون، مان ۽ جسٽس عامر فاروق ان وقت ٻاهرين ملڪ موڪل تي هئاسين، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سامهون ڪيس مقرر ٿيو، اپيلن جي پيروي خواجا حارث ڪري رهيو هو، ڇا توهان خواجا حارث کان پڇيو ته چونڊن کان اڳ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هن ڪا درخواست ڪئي هئي؟ خواجا حارث کي خبر هئي ته ان ئي ڏينهن سزا معطل نٿي ٿي سگهي، عدالت سڀ کان تڪڙي تاريخ 31 جولاءِ جي ڏني، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ موڪلون هيون، جنهن جج جو نالو توهان لکيو نه ۽ عدليا تي سوال اٿيو آهي، ماڻهن جو عدالت تي اعتماد تباهه ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٺهڻ شروع ٿي ويون، ڇا عدالت جو جج ٻئي هنڌان هدايتون وٺندو آهي؟

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته منهنجي عدالت جي جج جي گهر يا چيمبر تائين ڪو پهچ وٺي رهيو آهي ته مان ان جو جوابده آهيان، جيڪڏهن راڻا شميم يا انصار عباسي ثبوت آڻين ته مان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف ڪارروائي ڪندس.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڻا شميم سميت ٻين ڌرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

Read Previous

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي

Read Next

عمران خان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪري سگهندي: آصف زرداري

Most Popular