هندو انتهاپسندن ڪانگريس اڳواڻ جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن سينيئر ڪانگريس اڳواڻ سلمان خورشيد جي نيني تال واري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب باهه ڏيڻ کان اڳ مبينا طور انتهاپسند حملي آورن ان جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي.

پوليس موجب باهه واقعي ۾ 21 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سلمان خورشيد ڀڃ ڊاهه ۽ باهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جنهن ۾ باهه جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.

واضح رهي ته ڪانگريس اڳواڻ پنهنجي نئين ڪتاب ”سن رائيز اوور ايوڌيا“ جي ڪري انتهاپسندن طرفان سخت تنقيد جي ور چڙهي ويو آهي.

ان جي ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي هندوتوا تنظيمن کي دهشتگرد گروپن داعش ۽ بوڪو  حرام سان ڳنڍيو ويو آهي.

ڪانگريس جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائڻ واري جاهل ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته اهو ڪتاب ڇا جي بابت آهي.

Read Previous

فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

Read Next

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ايڪٽ ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

Most Popular