تائيوان جي آزادي پسندن کي ڌمڪي، آمريڪا باهه سان نه کيڏي: چين

آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي ورچوئل ملاقات ٿي جنهن ۾ چيني صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

ورچوئل ملاقات کي چيني سرڪاري ميڊيا بي جِجهڪ، تعميري، اهم ۽ نتيجن واري ملاقات قرار ڏنو.

چيني صدر ملاقات ۾ ٻنهي ملڪ جي وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تائيوان جي آزادي جي حامي طاقتن ڳاڙهي لڪير عبور ڪئي ته حتمي فيصلن وارا قدم کنيا ويندا.

چيني صدر چيو ته آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ تائيوان کي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، اهو رجحاڻ تمام خطرناڪ ۽ باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي، چين آمريڪا واپاري معاملن کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي.

هن چين ايندڙ آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي لاءِ ”فاسٽ ٽريڪ لين“ اپ گريڊ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته گڏيل لاڳاپن کي وڌائڻ، اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ فعال قدمن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

واٽس ايپ ۾ اوچتو وڏي تبديلي، واهپيدارن لاءِ اشتهارن جي سهولت

Read Next

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان، 3 اهم رانديگر آئوٽ

Most Popular