ماءُ سان سنبل بڻجي ڳالهائيندي آهيان، لاڏاڻي جو اڃا ناهي ٻڌايو

پاڪستان جي ناليواري اداڪارا بشريٰ انصاري پنهنجي ڀيڻ اداڪارا سنبل شاهد جي لاڏاڻي بابت اڃا تائين ماءُ کي نه ٻڌائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

تازو اداڪارا بشريٰ انصاري خانگي ٽي وي جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سنبل شاهد جي لاڏاڻي ۽ زندگي ۾ پيدا ٿيل کوٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اداڪارا ٻڌايو ته ماءُ جي طبيعت گهڻي خراب رهندي آهي ۽ ان جو نور 70 سيڪڙو ختم ٿي چڪو آهي.

بشريٰ انصاري موجب هن پنهنجي ڀيڻ جي لاڏاڻي جي خبر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود ماءُ کي ناهي ٻڌائي ان کي ٻڌايو آهي ته سنبل آمريڪا وئي هئي جنهن کانپوءِ ڪورونا جي ڪري جهازن جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي.

اداڪارا ٻڌايو ته اهو انڪري ڪيو ته ماءُ گهڻي بيمار آهي اها سنبل جي موت جي خبر برداشت نه ڪري سگهندي جڏهن ته ماءُ گهڻو ضد ڪندي آهي ته کيس سنبل سان ڳالهائڻو آهي ته مان پاڻ سنبل ٿي ساڻس ڳالهائيندي آهيان ته جيئن انکي سنبل جي کوٽ محسوس نه ٿئي.

پروگرام ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنبل جي لاڏاڻي کان هڪ سال اڳ ان جي 40 سالن جو پُٽ فوت ٿي ويو هو، سنبل کي ڪا به بيماري نه هئي پر پُٽ جي صدمي ۾ هوءَ ايترو هئي جو ڪورونا جو مقابلو نه ڪري سگهي.

Read Previous

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان، 3 اهم رانديگر آئوٽ

Read Next

مٽياري : ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران ايريگيشن کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج

Most Popular