شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو جي زيرِ انتظام ، ڊائيبيٽڪ ۽ اينڊو ڪرونالاجي جي شعبي طرفان اڄ ڊائيبيٽڪ ڊي ملهايو ويو

لاڙڪاڻو(,بيورو رپورٽ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو جي زيرِ انتظام ، ڊائيبيٽڪ ۽ اينڊو ڪرونالاجي جي شعبي طرفان اڄ ڊائيبيٽڪ ڊي ملهايو ويو ، تفصيل موجب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونورسٽيءَ لاڙڪاڻو جي زيرِ انتظام ، ڊائيبيٽڪ ۽ اينڊو ڪرونالاجي جي شعبي طرفان اڄ ورلڊ ڊائيبيٽڪ ڊي ۽ شگر جي بيماريءَ جي حوالي سان آگاهي واڪ جو انتظام ڪيو ويو۽ سيمينار ڪوٺايو ويو ، واڪ ۾ شهرين ۽ مريضن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي بعد سيمينار ۾ ،رجسٽرار ڊاڪٽر قرارو شاه ، ڊين پروفيسر علام ابراهيم صديقي ، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد احمد شيخ ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر گلزار احمد شيخ ،ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ ، پروفيسر حاڪم علي ابڙو ، پروفيسر عزيزالله جلباڻي ، پروفيسر ٻشير احمد شيخ، ،پڻ شرڪت ڪئي ، سيمينار ۾ 200 مريضن پن شرڪت ڪئي ، پروفيسر عزيزالله جلباڻي سيمينار کي آگاهي ڏني ته اسان شگر جي بيماري جي حوالي سان الڳ وارڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ هفتي جا ٻه ڏينهن شگر جي بيماريءَ جي حوالي سان ماهر پروفيسرن جي زيرِنگراني اوپي ڊي پڻ هلائي وڃي ٿي ، جنهن تحت 7000 مريضن کي رجسٽر ڪيو ويو اهي جن کي هفتيوار دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون وڃن ٿيون جڏهن ته ٽائيپ ون جي مريضن کي انسولين پڻ مفت ۾ ڏني وڃي ٿي ، جنهن سان اتر سنڌ سان گڏ ، هيٺين پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻهو پڻ فائدو وٺي سگهندا ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر گلزار سيمينار کي آگاهي ڏني ته هن مهل پاڪستان ۾ تقريبن هر چوٿون ماڻهو هن بيماري کي منهن ڏئي رهيا آهن ، هونئن به درست آگاهي ڏئي مريضن کي صحتمند زندگيءَ گذارڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي ، رجسٽرار ڊاڪٽر قرارو شاه چيو ته ، مريضن کي کپي ته مستند ڊاڪٽرن کان مرض جي تشخيص ڪرائي وڃي ، عطائي ڊاڪٽرن کان بچيو وڃي ، شگر جي مرض ۾ علاج سان گڏ ، احتياط ۽ پرهيز کان ڪم ورتو وڃي ته ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ چيو ته پيشاني پڻ شگر جو وڏو سبب آهي ، شگر جا مريض احتياط کان ڪم وٺي صحت مند زندگي گذاري سگهن ٿاهن وڌيڪ چيو ته دوائون مريضن جي امانت آهن ۽ مان ڪڏهن به ڪنهن کي امانت ۾ خيانت ڪرڻ نه ڏيندم ، سيمينار جي آخر ۾ شگر جي مريضن ۾ مفت گلوڪوميٽر پڻ ورهايا ويا ، اهڙو بيان ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالصمد ڀٽيءَ جي طرفان جاري ڪيو ويو .

Read Previous

ٽريفڪ جام جو مسئلو، دبئي 2023ع ۾ اڏامندڙ گاڏي لانچ ڪندو

Read Next

صحافين جي تحفظ سميت ڪيترائي بِل سينيٽ ۾ به منظور، مخالف ڌر جون رڙيون

Most Popular