”پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين“

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي قانونسازي کي آئيني ۽ قانوني نٿا مڃو ۽ عمران نيازي جو فرمان رد ڪيون ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين.

مسلم ليگ نون جي صدر مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ نون ليگ جي پارلياماني ايڊوائزي بورڊ جو اجلاس پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ حڪومت جي قانونسازي بلڊوز ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.

نون طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرون چونڊ سڌارا اتفاق راءِ کان بنا ٿيڻ جي مذمت ڪئي وئي.

Read Previous

مانيٽري پاليسي جو اعلان، اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 8.75 ڪري ڇڏي

Read Next

پهريون ٽي 20 مقابلو، پاڪستان بنگلاديش کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular