ڪامريڊ انور ملاح ۽ ان جي ڀائرن 36 ڏينهن به احتجاج ڪندي

ميهڙ رپورٽر ڪامريڊ انور ملاح ۽ ان جي ڀائرن36ڏينهن به احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو ڀاءُ غلام سرور ملاح درگاھ تي 35 سالن کان وٺي رھندو آھي اتي ان کي 2 ايڪڙ پلاٽ آھي ان تي با اثرن غلام مصطفي ملاح، امتياز ، ۽ غلام قادر ملاح جي ملي ڀڳت سان جمع خان بروهي، رمضان بروهي، افتخار راجپوت ۽ فيض بروھي قبضو ڪيو آھي ۽ انھن جي خلاف ھوسڙي ٿاڻي تي وڃي وڃي ٿڪجي پيا آهيون پوليس ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري ۽ اسان جي ڀاءُ غلام سرور ملاح کي بار بار مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ھنن آئي جي سنڌ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪندي چيو آهي ته قبضا گيرن جي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي

Read Previous

انفنڪس جو سستو سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

Read Next

”سياسي اشرافيا جي مدد سان سرڪاري زمين تي قابض لينڊ مافيا خلاف ايڪشن وٺنداسين“

Most Popular