سشميتا سين جي سرجري مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

اڳوڻي مِس انڊيا ۽ باليووڊ اداڪارا سشميتا سين جي سرجري مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو.

تازو ئي سشميتا سين پنهنجي 46 هين سالگرا ملهائي جنهن جي لاءِ هن پنهنجي انسٽاگرام تي خاص پوسٽ شيئر ڪئي هئي.

سشميتا سين پنهنجي پوسٽ ۾ انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن اداڪارا کي سالگرا جون مبارڪون ڏنيون هيون ۽ ان سان گڏ ئي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو هو.

ان ئي پوسٽ ۾ سشميتا سين انڪشاف ڪيو ته هن 16 نومبر تي پنهنجي سرجري ڪرائي هئي ۽ هاڻي هوءَ بهتر محسوس ڪري رهي آهي.

سشميتا سين جي ان انڪشاف مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڪمينٽ سيڪشن ۾ تبصرن جو سمنڊ اٿلي پيو.

ڪمينٽ سيڪشن ۾ ڪنهن سشميتا سين جي مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ته ڪيترن ئي مداحن اداڪارا کي اپيل ڪئي ته کين سرجري جي حوالي سان مڪمل تفصيل فراهم ڪري.

مداحن جي پريشاني کي ڏسندي سشميتا سين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.

هن پنهنجي مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سڀ منهنجي سرجري جو ٻڌي پريشان ٿي ويا پر مان بلڪل خيريت سان آهيان.

اداڪارا چيو ته جيڪڏهن مونکي ڪجهه ٿئي ها يا منهنجي طبيعت خراب ٿئي ها ته مان انجو اطلاع ضرور ڏيان ها.

منهنجي لاءِ پريشان نه ٿيو، مان صحتياب ٿي رهي آهيان، بس ان جي لاءِ ٿورو وقت گهربل آهي.

ٻئي پاسي سشميتا سين پنهنجي سرجري جي حوالي سان ڪي به تفصيل فراهم نه ڪيا.

Read Previous

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان جڙيل مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

Read Next

طالبان سموري جمهوري حڪومتن کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو، تاريخي قدم

Most Popular