واٽس ايپ ميسيج تي هاڻ جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريپلاءِ جي ضرورت نه پوندي!

واٽس ايپ تي هاڻ توهان کي آيل ڪنهن ميسيج تي جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ تحريري ريپلاءِ جي ضرورت نه پوندي.

واٽس ايپ اينڊرائيڊ ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، فيس بُڪ ميسينجر ۾ ميسيج ري ايڪشنز جو فيچر ته گهڻي عرصي کان موجود آهي پر هاڻ گهٽ ۾ گهٽ بيٽا ورزن جي واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ ۾ به ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

فيس بڪ ميسينجر استعمال ڪندڙ ته ان فيچر کان چڱي ريت واقف آهن پر هاڻ اهي واٽس ايپ ۾ به جلد ڪنهن ميسيج تي ايموجي ذريعي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري سگهندا.

Read Previous

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Read Next

”اسان وٽ ججن کان مرضيءَ جا فيصلا ورتا ويندا آهن، رياست مٿان رياست هلندي آهي“

Most Popular