ڪهڙي وقت چانهه نه پيئڻ گهرجي؟ عادي ماڻهن لاءِ اهم خبر

Coffee or tea cup with clock symbol. Coffee time illustration. Coffee break, rest sign. Mug with clock illustration for perfect web, app and logo design.

چانهه جا جتي فائدا آهن، اتي ئي وري ان جا نقصان به آهن، جنهن جو دارومدار ان جي استعمال جي وقت تي آهي.

ڪجهه ماڻهو نيراني چانهه پيئڻ يا ”بيڊ ٽي“ جا عادي هوندا آهن، جنهن کي ماهرن صحت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي.

نيراني چانهه پيئڻ صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو ته ان سان تيزابيت سميت ڪيترائي مسئلا جنم وٺن ٿا، نيراني چانهه پيئندڙ ڪيترين ئي بيمارين کي دعوت ڏين ٿا، ڀلي اها ڪهڙي به قسم جي چانهه ڇو نه هجي.

جيڪڏهن نيرن کان اڳ ئي چانهه پي ڇڏجي ته ان سان معدي جي تيزابيت وڌي ويندي آهي، جيڪا سينو سڙڻ ۽ بدهاضمي جو سبب بڻجي ٿي، اهڙا ماڻهو جيڪي صبح اٿندي ئي چانهه پيئڻ جا عادي آهن، انهن کي اڳ ۾ ڪا ٺوس غذا کائڻ گهرجي.

چانهه ۾ موجود هڪ ڪيميڪل Theophylline  عذا جي هضم ٿيڻ جي عمل دوران ڊي هائڊريشن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪو قبض جو شڪار ڪري ڇڏيندو آهي، هونئن ته چانهه کي قبض کان ڇوٽڪاري ۾ به فائديمند مڃيو ويندو آهي پر ان جو وڌيڪ مقدار قبض جو شڪار بڻائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.

Read Previous

”پريانڪا“ نالي مان ”نِڪ جونس“ هٽائي ڇڏيو، عليحدگي جون خبرون

Read Next

حلفي بيان ۽ آڊيو ۾ ڳالهيون خوفناڪ آهن، پتو لڳائڻ عدليا جو ڪم آهي: شاهد خاقان عباسي

Most Popular