”ثاقب نثار ٻڌائي ته ڪنهن کيس مون کي ۽ نواز شريف کي سزا ڏيڻ تي مجبور ڪيو“

مريم نواز

ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ليڪ آڊيو کي اڳوڻي چيف جسٽس خلاف چارج شيٽ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ثاقب نثار پاڻ کي قانون سامهون پيش ڪري.

اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته اڳ ۾ ثاقب نثار چيو هو ته هي آواز ان جو ناهي، کيس اڄ نه ته سڀاڻي سچ ٻڌائڻو پوندو.

هن سوال ڪيو ته ثاقب نثار صاحب! اهو ڪير هو، جنهن کي توهان چيف جسٽس هوندي به انڪار نه ڪري سگهيا؟ ٻڌايو ڪنهن چيو ته عمران خان کي آڻڻو آهي؟ ڇا توهان ان ڳالهه کان انڪار ڪري ٿا سگهو ته عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي سازش تحت هٽايو ويو، ڇا ان ڳالهه کان انڪار ڪري ٿا سگهو ته عمران خان کي چيو ويو نواز شريف خلاف درخواست وٽس آڻيو، ٻڌايو ته ڪنهن توهان کي مريم نواز ۽ نواز شريف کي سزا ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اها نواز شريف ۽ ن ليگ جي حق ۾ پنجين شاهدي آهي، عمران خان کي چيو ويو ته نواز شريف خلاف درخواست اسان وٽ آڻيو، پاناما ۾ 450 ماڻهن جا نالا آيا، ڪنهن کان نه پڇيو ويو پر جنهن جو نالو نه آيو ان کي سزا ڏني وئي، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي چونڊيل وزيراعظم کي آفيس مان ڪڍيو ويو.

مريم نواز چيو ته ثاقب نثار چپ آهي ۽ حڪومتي وزير ان جو دفاع ڪري رهيا آهن، عمران خان مهانگائي تي اجلاس نه گهرايو پر ثاقب نثار جي آڊيو تي اجلاس گهرائي ورتو، ثاقب نثار جنهن سازش جو حصو بڻيو، ان جو بينيفشري عمران خان آهي، هيءَ حڪومت ۽ وزير ثاقب نثار کي نه پاڻ کي بچائي رهيا آهن.

Read Previous

خبردار! پيٽرول اڄ ئي ڀرائي ڇڏيو، سڀاڻي کان نه ملندو

Read Next

شوڪت ترين گئس بحران جو ذميوار تحريڪ انصاف کي قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular