لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان ميڊيڪل جي شاگردياڻي دادو واسڻ نوشين شاهه جو لاش هٿ آيو آهي.

گرلز هاسٽل جي ڪمري نمبر 4 مان دادو جي شاگردياڻي نوشين ڌيءَ هدايت الله شاهه جو مبينا طور پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، جيڪا ميڊيڪل جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

ناريءَ جو لاش هٿ اچڻ کانپوءِ انتظاميا ايڪشن وٺندي هاسٽل کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪوريج کان به روڪيو ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ناري جي ڪمري مان مبينا خط به هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته آئون بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجي مرضي سان آپگهات ڪري رهي آهيان.

ناري سيد نوشين شاهه جو واسطو دادو شھر جي مڇي مارڪيٽ روڊ درگاھه سيد جھنگل شاهه سان آهي، سندس پيءُ دادو سوشل ويلفيئر کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.

شاگردياڻي جو لاش هٿ اچڻ تي اطلاع تي سندس وارث به لاڙڪاڻي پهتا، ناريءَ جي پيءَ سيد هدايت الله شاهه چيو ته نياڻي خوش هئي، آپگهات نٿي ڪري سگهي، اسان کي پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي، حقيقتون پوءِ ئي سامهون اچي سگهن ٿيون.

ناري جي ڪمري مان مبينا طور هڪ خط به هٿ آيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته آئون بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجي مرضي سان آپگهات ڪري رهي آهيان.

هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر علي سومرو جو چوڻ آهي ته خط جي فرانزڪ ٽيسٽ ٿيندي، جنهن سان خبر پوندي ته اهو خط شاگردياڻي جو آهي يا نه، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته اهو آپگهات آهي يا ٻيو ڪجهه.

واضح رهي ته ٻه سال اڳ به ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان به شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو لاش هٿ آيو هو.

Read Previous

شوڪت ترين گئس بحران جو ذميوار تحريڪ انصاف کي قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

چئنلن کي اشتهار روڪڻ جي آڊيو منهنجي ئي آهي: مريم نواز جو اعتراف

Most Popular