چئنلن کي اشتهار روڪڻ جي آڊيو منهنجي ئي آهي: مريم نواز جو اعتراف

مريم نواز

ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته چئنلن کي اشتهار روڪڻ جي آڊيو منهنجي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جنهن سازش جو مهرو ثاقب نثار آهي، ان ئي تحت عمران خان اقتدار ۾ آيو، عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس کي نه پاڻ کي بچائي رهيو آهي.

ان دوران سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ آڊيو ڪلپ بابت پڇيل سوال تي مريم نواز چيو ته اهو آواز منهنجو ئي آهي ۽ آڊيو درست آهي، مان نه چونديس ته آڊيو ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي يا منهنجو آواز ناهي، اهو منهنجو ئي آواز آ.

هن وڌيڪ چيو ته اها گهڻي پراڻي ڳالهه آهي، ان وقت پارٽي جو ميڊيا سيل هلائي رهي هيس، اڄوڪي ٽاپڪ تي رهو، ان معاملي تي گهڻو ڳالهائي سگهان ٿي.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مريم نواز ڪنهن کي چئي رهي آهي ته چئن چئنلن کي ڪو اشتهار نه ڏنو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ

Read Next

پڙهائيءَ جو جنون، نئين ڪنوار شادي ڏينهن مڙس سان گڏ امتحان ڏيڻ پهچي وئي

Most Popular