نوشين ڪاظمي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان مُئل حالت ۾ هٿ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

گرلز هاسٽل جي ڪمري نمبر 4 مان دادو جي شاگردياڻي نوشين ڌيءَ هدايت الله شاهه جو مبينا طور پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو هو، جيڪا ميڊيڪل جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي موت جو ڪارڻ ڳچيءَ ۾ رسي جو ڦاهو ٻڌايو ويو آهي.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته نوشين ڪاظمي جي جسم جا ڪجهه اندروني عضوا ليبارٽري موڪليا ويا هئا.

ان کان اڳ ايس ايس پي ۽ فرانزڪ ٽيم هاسٽل ۾ شاگردياڻي جي ڪمري جو تفصيلي معائنو ڪيو، نوشين ڪاظمي جي ڊائري ۽ موبائل فون قبضي ۾ وٺي ڪمرو سيل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪمري ٻاهران سيڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوشين ڪاظمي جو لاش پوسٽ مارٽم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ٿر ۾ ماڻهن کي جانورن جيان مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي: چيف جسٽس

Read Next

مريم نواز لاءِ بُري خبر، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

Most Popular