فاروق ستار سان ملاقات بابت حريم شاهه جو وڏو انڪشاف

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار سان ملاقات جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا.

حريم شاهه انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جيڪا نجي پروگرام جي ٽيزر ۽ ڪجهه مهينا اڳ نشر ڪيل پروگرام جي آهي.

ويڊيو ۾ هڪ پاسي حريم شاهه کي فاروق ستار سان ٿيندڙ ملاقات بابت ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو ته ٻئي پاسي فاروق ستار حريم شاهه سان ملاقات کي هڪ اتفاقي ملاقات قرار ڏنو.

پنهنجي بيان ۾ حريم شاهه چيو ته فاروق ستار شو ۾ غلط بياني ڪئي، ساڻس ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ملاقات منصوبابندي تحت ٿي هئي.

هن چيو ته مان فاروق ستار جهڙي ناهيان، جنهن سان دوستي ڪندي آهيان ته تسليم به ڪندي آهيان، منهنجي فاروق ستار سان پهرين ملاقات اسلام آباد جي هوٽل ۾ ٿي، جتي لفٽ ۾ فاروق ستار نمبر ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻي ملاقات لاهور ۾ ٿي، ان کانپوءِ 6 مهينن تائين فاروق ستار سان رابطي ۾ رهيس ۽ پوءِ ڪراچي آيس، جيڪي ويڊيوز به وائرل ٿيون.

واضح رهي ته حريم شاهه جي ڪراچي جي هوٽل ۾ فاروق ستار سان ملاقات جي ويڊيو وائرل ٿي هئي.

Read Previous

ڊيلرز جي هڙتال تي پيٽروليم ڊويزن ترجمان جو اهم بيان

Read Next

هزارين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندڙ عمارتون

Most Popular