هزارين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندڙ عمارتون

هڪ آمريڪي ڪمپني اهڙين ماحول دوست عمارتن جي ڊزائين پيش ڪئي آهي جيڪي هوا مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري هوائي گدلاڻ کي گھٽ ڪنديون.

”اسڪڊ مور، اوئنگ اينڊ ميرل“ (ايس او ايم) نالي تعميراتي اداري پنهنجي ان منصوبي کي ”اربن سيڪوئيا“ جو نالو ڏنو آهي.

سيڪوئيا حقيقت ۾ ڪيليفورنيا ۾ ريڊ ووڊ قسم جي هڪ وڏي وڻ جو نالو آهي جنهن جي مناسبت سان ان منصوبي جو نالو اهورکيو ويو آهي.

اهي وڏي ايراضي تي پکڙيل ڊگھين ڊگهين عمارتن جو منصوبو آهي جن کي هڪ خاص انداز ۾، اهڙي طرح تعمير ڪيو ويندو جو ماڻهن کي رهائش فراهم ڪرڻ کان سواءِ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪرندڙ ٽاوورن جو به ڪم ڪنديون.

اهڙي هر عمارت ۾ هونئن ته هر منزل تي ٻوٽا رکيا ويندا پر گڏوگڏ ڪجهه منزلن کان پوءِ هڪ منزل ننڍن وڻن لاءِ وقف هوندي.

ان کانسواءِ هر ٻن منزلن وچ ۾ خاص جاءِ رکي ويندي جنهن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿي ڪري فلٽريشن سسٽم مان گذرندي ۽ خاص پائيپن مان ٿيندي وڻن ۽ ٻوٽن واري حصي تائين پهچائي ويندي.

Read Previous

فاروق ستار سان ملاقات بابت حريم شاهه جو وڏو انڪشاف

Read Next

آمريڪي روڊ تي ڊالرن جو مِينهن وسي پيو

Most Popular