نسلا ٽاور ٻاهران متاثرن ۽ بلڊرن جو احتجاج، پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ

ڪراچي ۾ نسلا ٽاور ٻاهران متاثرن ۽ بلڊرن احتجاج ڪيو، جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي.

ڪراچي ۾ نسلا ٽاور ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاج ۾ شامل بلڊرن نسلا ٽاور کي مسمار ڪرڻ جو ڪم روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

احتجاج ڪندڙن شاهراهه فيصل وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس ۽ اهي آمهون سامهون ٿي ويا ۽ جهڙپون ٿيون.

ان موقعي تي پوليس ۽ رينجرز احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ به ڪئي.

احتجاج سبب شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي رواني به متاثر ٿي پر پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪري شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي رواني بحال ڪري ڇڏي.

ضلعي انتظاميا، اينٽي انڪروچمينٽ عملو، رينجرز ۽ پوليس جي نفري نسلا ٽاور وٽ موجود آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور کي غير قانوني قرار ڏئي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو عمل جاري آهي.

Read Previous

لاڳيتو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ ٽيسٽ موڊ ۾ اچڻ چئلينج آهي: بابر اعظم

Read Next

مٽياري ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن خلاف احتجاج ڪيو ويو

Most Popular