ججن جي سيمينار ۾ سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ججن جي سيمينار ۾ سپريم ڪورٽ مان سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو.

جهلم ۾ القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪلونيل ازم سبب مسلمان دنيا ۾ ذهني غلام آهن ۽ اسان جي تعليمي نظام ۾ فرق ترقي سڀ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻيو.

هن اولهه ڪلچر کي تباهي جو وڏو سبب قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي هن وقت يونيورسٽين ۾ تحقيق جي ضرورت آهي، مان پرائم منسٽر يونيورسٽي ٺاهي رهيو آهيان، جيڪا دنيا جي اعليٰ يونيورسٽي هوندي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستاني سياست ۾ جيترا به ماڻهو آيا، انهن کي ڪير نه سڃاڻيندو هو پر مون کي ماڻهو سياست ۾ اچڻ کان اڳ سڃاڻيندا هئا، ايماندار شخص پابندين کان آزاد هوندو آهي، پنهنجو سوچيندڙ ۽ ڊڄڻو ڪڏهن به ليڊر نٿو بڻجي سگهي، سچو ۽ انصاف ڪندڙ ئي وڏو ليڊر بڻجي سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته ڪرپشن کي برائي نه سمجهندڙ معاشرو ڪڏهن نٿو هلي سگهي، جڏهن ليڊر ملڪ جو پئسو چوري ڪندو آهي ته ان تي الله جو عذاب ايندو آهي.

عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي حوالي سان عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن بابت هڪ سيمينار لاهور ۾ ٿيو، ان ۾ سزا يافته شخص کي چيف گيسٽ طور گهرايو ويو، ان سان پيغام ويو ته ڌاڙو هڻڻو آهي ته وڏو هڻو.

Read Previous

پاڪستاني حڪومت ڪورونا جي نئين قسم اڳيان بي وس، عوام کي اهم هدايتون

Read Next

اليڪشن ڪميشن ووٽ خريدڻ بابت ويڊيو جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular