حلفي بيان شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو، خبر ناهي ڪيئن ليڪ ٿيو: راڻا شميم

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، ڪنهن کي به شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو ۽ خبر ناهي ته ڪيئن ليڪ ٿيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي حلفي بيان تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ راڻا شميم عدالت سامهون پيش ٿيو.

ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله، راڻا شميم کي روسٽرم تي گهرائي سوال ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي؟ جنهن تي راڻا شميم چيو منهنجو وڪيل ٻڌائيندو ته جواب داخل ڇو نه ٿي سگهيو، منهنجي ڀاءَ جو چاليهو آهي، ان کانپوءِ ٻڌڻي رکو.

چيف جسٽس چيو ته توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڏنو آهي، اخبار توهان جو حلف نامو عوام تائين پهچايو آهي، جنهن تي راڻا شميم جواب ڏنو ته حلف نامو شايع ٿيڻ کانپوءِ مون سان رابطو ڪيو ويو ته مان ڪنفرم ڪيو، منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، مون کي ناهي خبر ته اهو ڪيئن ليڪ ٿيو؟

چيف جسٽس اطهر من الله راڻا شميم کان پڇاڻو ڪيو ته توهان حلفي بيان انهن کي نه ڏنو؟ جنهن تي هن چيو ته نه مان حلفي بيان اشاعت لاءِ نه ڏنو.

جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته توهان لنڊن ۾ حلفي بيان ڪنهن مقصد لاءِ ڏنو؟ عدالت توهان کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهي آهي، پنهنجو جواب جمع ڪرايو، توهان 3 سالن کانپوءِ حلفي بيان ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو ؟ توهان عوام جو عدالت تان اعتماد کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، توهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، پنهنجي لکت ۾ جواب لکو.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اپيل ڪئي ته رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر ناهي ته جيڪو حلفي بيان رپورٽ ٿيو اهو ڪهڙو آهي؟ مان اڳ ۾ رپورٽ ٿيل حلفي بيان ڏسي وٺان.

رانا شميم جي جواب تي اٽارني جنرل چيو ته جنهن شخص حلف نامو ڏنو، ان کي ياد ناهي ته حلف نامي ۾ ڇا لکيل آهي، جيڪڏهن کيس خبر ناهي ته پوءِ اهو حلفي بيان ڪنهن تيار ڪرايو؟

اٽارني جنرل چيو اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻيو ته کيس اها خبر ناهي ته حلفي بيان ۾ ڇا آهي، 10 نومبر تي حلفي بيان ڏنو ويو ۽ اڄ وري چيو پيو وڃي خبر ناهي ان ۾ ڇا لکيل آهي؟

عدالت چيو ته راڻا شميم شوڪاز جو تحريري جواب به جمع ڪرائي، مان توهين عدالت تي يقين نٿو رکان، ججن تي تنقيد ٿيڻ گهرجي، سياسي بيانيي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هاءِ ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

اٽارني جنرل جي موقف تي عدالت راڻا شميم کي اوريجنل حلفي بيان سان گڏ تحريري جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Read Previous

پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

وزيراعظم وزيرن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular