اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ استاد پارليامينٽ هائوس اڳيان پهچي ويا

اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ سرڪاري اسڪولن جا استاد توڙي ملازم مارچ ڪندي پارليامينٽ هائوس اڳيان پهچي ويا آهن.

شاهراهه دستور جي ٻنهي پاسن کان مظاهرو ڪندڙن جو احتجاج جاري آهي ۽ مظاهرين گادي واري هنڌ جي تعليمي ادارن کي ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ميئر جي ماتحت ٿيڻ سان الائنس ۽ ترقيون ختم ٿي وينديون.

هنن مطالبو نه مڃڻ جي صورت ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين کي به احتجاج ۾ شامل ڪري سخت احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

واضح رهي ته استادن جي احتجاج جي ڪري اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ ٽن ڏينهن کان تعليمي سرگرميون ٺپ ٿيل آهن.

Read Previous

پاڪستان ۾ ماڻهن جي عمر سوا 4 سال گهٽجڻ جو انڪشاف

Read Next

سام سنگ جي سستي ترين 5 جي فون متعارف

Most Popular